اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته پاڪستان پوليو جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، ڪجهه مخصوص علائقن کي ڇڏي ڪري ملڪ جي اڪثر حصن مان پوليو جو خاتمو ڪيو ويو آ??ي، سياسي اختلاف مٿانهون رکندي پورو ملڪ پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ متحد آهي، پوليو جي خاتمي جي قومي قدم کي سبوتاز ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليو جي خاتمي جي گلوبل پوليو ريڊڪشن انيشي ايٽو (عالمي قدم) جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد جي قيادت پوليو اوورسائٽ بورڊ جي چيئرمين ۽ بل ??ين?? ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي صدر ڊاڪٽر ڪرسٽوفر ايلس ڪري رهيو هو. وفد ۾ ڊبليو ايڇ او جو ريجنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر احمد المنڌاري، ريجنل ڊائريڪٽر يونيسيف جارج لاريه اوجي، نيشنل چيئرمين اين پي پي سي عزيز ميمڻ، روٽري انٽرنيشنل ۽ پوليو جي خاتمي جي پروگرام جا حصيدار ۽ امدادي ادارن جا عملدار شامل هئا. ان موقعي تي نيشنل هيلٿ سروسز ??ين?? ريگيوليشنز وارو وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل به موجود هو. وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، مل جي اڪثر حصن مان پوليو جو خاتمو ڪيو ويو آ??ي، سواءِ ڪجهه مخصوص علائقن جي جن کي وقفي وقفي سان ويڪسينيشن مهم ذريعي پوليو جي خاتمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته سياسي اختلافن کي مٿانهون رکندي پورو ملڪ پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ متحد آهي، پاڪستان جي حڪومت ملڪ ??ي پوليو کان پاڪ ڪرڻ ۽ هر ٻار کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جي لاءِ ڪ??شش??ن اجري رکندي. وزيراعظم چيوت ه پوري پاڪستاني قوم بل ??ين?? ميلنڊا گيٽس فائونديشن، روٽري انٽرنيشنل، يونيسيف ۽ ڊبليو ايڇ او سميت اسان جي حصيدارن ۽ امداد ڏيندڙن کي پوليو جي خاتمي لاءِ مدد تي ٿورائتي آهي. وفد پاڪستان مان پوليوج ي خاتمي لاءِ ڀرپور حمايت ۽ عزم جو يقين ڏياريو. وزيراعظم پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان اڻٿڪ ڪ??شش?? تي وفد جا ٿورا مڃيا. هن حڪومت جي انهن ڪ??شش?? تي پڻ روشني وڌي جن جي نتيجي ۾ وائرس جي ڦهلاءُ تي ان حد تائين ضابطو آ??دو ويو آ??ي ته ملڪ جو وڏو حصو پوليو کان پاڪ ٿي چڪو آ??ي جڏهن ته رڳو ڪجهه علائقا باقي رهجي ويا آهن جتي وقت بوقت پوليو جي خاتمي جي مهم جي ذريعي پوليو جي خاتمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پوليو جي خاتمي جي ٽيمن کي ڀرپور سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي ٿي، پاڪستان ڪنهن کي ان قومي ڪوشش کي سبوتاز ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. وزيراعظم شهباز شريف نيشنل هيلٿ سروسز واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل کي هدايت ڪئي ته فوري طور تي پشاور جو دورو ڪري ۽ پوليو وائرس کان بچاءُ جي لاءِ ٻارن جي ڦڙا پيارڻ جون ڪ??شش??ن تيز ڪرڻ ۽ خاص طور تي خيبرپختونخواهه جي انهن علائقن ۾ پوليو جي خاتمي جي ويڪسين جي فراهمي لاءِ صوبائي حڪومت جي عملدارن سان گڏ ڪ??شش??ن ڪيون وڃن جتي پوليو جو وائرس اڃا به موجود آهي. ڊاڪٽر ڪرسٽوفر ايلس وزيراعظم جي لاءِ بل گيٽس پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ وزيراعظم کي ٻڌايو ته بل گيٽس پاڪستان مان پوليو جي خاتمي لاءِ ذاتي دلچسپي وٺڻ تي وزيراعظم جو ٿورائتو آ??ي. يونيسيف جي ڪنٽري ڊائريڪٽر وزيراعظم کي ملڪ جي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين ۽ انهن علائقن ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم بابت آگاهه ڪيو. وفد سياسي معاملن کان مٿانهون ٿي ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي وزيراعظم کي ساراهيو.
پاڪستان پوليو جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، ڪجهه مخصوص علائقن کي ڇڏي ڪري ملڪ جي اڪثر حصن مان پوليو جو خاتمو ڪيو ويو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری