??ست??بول – 25 – نومبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪيه پهچي ويو. ??ست??بو?? انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ??ست??بول جي نائب گورنر محمود حرسانلي اولو، اعليٰ ترڪ سول ۽ عسڪري عملدارن، پاڪستان سفارتخاني جي آفيسرن وز??راعظم جي آجيان ڪئي. وز??راعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي هي دورو ڪري رهيو آهي. اعليٰ سطحي وفد به وز??راعظم سان گڏ آهي. دوري دوران وز??راعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر اردوان ??ست??بول شپ يارڊ ۾ پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن ما?? ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم منصوبو پاڪستان – ترڪيه اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ان کان اڳ پاڪ بحريه جي لاءِ پهرين ڪارويٽ ”پي اين ايس بابر“ جي لانچنگ جي تقريب آگسٽ 2021ع ۾ ??ست??بول ۾ ٿي هئي جڏهن ته ٻئي جهاز ”پي اين ايس بدر“ جي تعمير جي پيڙهه جو پٿر مئي 2022ع ۾ ڪراچي ۾ رکيو ويو. بعد ۾ ٻئي اڳواڻ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندا. وز??راعظم ترڪيه جي واپاري برادري جي وفد ۽ اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ (اي ٽي ڊي بي) جي صدر سا?? ملاقات ڪندو.
وزيراعظم ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪيه پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن