اسلام آباد– 18 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان وزيراعظم جي خاص معاون ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اطلاعات سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪري، بينظير انڪم سپورٽ پر??گرام (بي آءِ ايس پي) جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ان موقعي تي قومي اسيمبلي ميمبر حسن طارق، نديم افضل چن ۽ آصف بشير ڀاڳت پڻ موجود هئا. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري فيصل ڪريم ڪنڊي کي هدايت ڪئي ته هو سڄي ملڪ ۾ غريب ۽ مستحق عورتن جي امداد جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پر??گرام کي وڌيڪ متحرڪ ڪري. پيپلزپارٽي جي چيئرم??ن چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پر??گرام موثر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ان پر??گرام جي سمورن شعبن کي متحرڪ ڪيو وڃي.
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ