اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ انساني حقن واري وزارت جي تعاون سان کدڙن فقيرن جي لاءِ شڪ??يت داخل ڪرائڻ جو مرڪزي مئنيجم??نٽ سسٽم لانچ ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهو نظام کدڙا فقير شهرين کي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان وزيراعظم جي انيشي ايٽو تحت متعارف ڪرايو ويو آهي. کدڙا فقير ڪميونٽي پاڪستان جي سڀ کان پٺتي پيل ڪميونٽيز مان هڪ آهي، جن کي اڪثر انهن جي خاندانن ۽ معاشري پاران رد ڪيو وڃي ٿو. انهن کي جسماني ۽ ذهني طور تي تمام وڌيڪ امتيازي سلوڪ ۽ تشدد درپيش آهي. کدڙن فقيرن کي سوشل ميڊيا تي روزاني جي بنياد تي هراسان ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن تي تشدد ۽ حملن جا ڪيترائي واقعا ٿين ٿا جڏهن ته ??وليس کي ان جي اطلاع گهٽ ئي ملي ٿي. گذريل 5 مهينن ۾ کدڙن فقيرن جي قتل جي واقعن ۾ به اضافو ڏٺو ويو آهي. اهم مسئلو اهو آهي ته انهن وٽ اهڙا خاندان نه آهن جيڪي انهن کي پنهنجو ڪرڻ جي لاءِ تيار هجن، ان جي لاءِ انهن سان بدسلوڪي ۽ حادثا ناقابل ڌيان ۽ لڪل رهجي وڃن ٿا. کدڙا فقير شهرين جي شڪ??يتن جي انتظام جو نظام شڪ??يت جي ازالي جي عمل کي هموار ۽ مرڪزي بڻائڻ ۾ اڳڀرائي آهي. اهو نظام انساني حقن جي وفاقي وزارت ۽ لاڳاپيل اي آئي جي آفيس کي سڄي ملڪ ۾ کدڙن فقيرن جي سوالن ۽ شڪ??يتن جو فوري ۽ موثر طريقي سان جواب ڏيڻ جي قابل بڻائيندو. ٽرانس جينڊر ڪمپل??نٽ مئنيجم??نٽ پورٽل web.citizenportal.gov.pk تي لائيو آهي جتي کدڙا فقير شهري ڪنهن به مسئلي بابت سڌوسنئون پنهنجون شڪ??يتون داخل ڪرائي سگهن ٿا ۽ شڪ??يتن جي داخلا لاءِ 1099 تي ڪال به ڪري سگهن ٿا. لاڳاپيل اي آئي جي آفيس جي ذريعي شڪ??يت تي 24 ڪلاڪن جي اندر ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ان جو ازالو ڪيو ويندو. انساني حقن واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده کدڙن فقيرن جي شڪ??يتن جي انتظام جي نظام جو افتتاح ڪندي چيو ته اسان جو ڌيان خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ ۽ اڳ کان موجود انتظامن کي بهتر بڻائڻ تي آهي جن ۾ ٽريڪنگ، درجابندي، نگراني ۽ ريسپانس جي لاءِ مناس?? مڪ??نز?? جي فراهمي شامل آهي. هي نظام کدڙن فقيرن بابت شڪ??يتن جو هڪ متفقه موقف فراهم ڪندو. وزيراعظم جي اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ جي سربراهه سلمان صوفي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ??زيراعظم اقليتن ۽ معاشري جي ڪمزور طبقي جي سهولت لاءِ تمام گهري دلچسپي رکي ٿو ۽ هي قدم کدڙن فقيرن کي سهولت فراهم ڪندو ۽ هراسان ڪرڻ/ تشدد ۽ ٻين مسئلن جي واقعن جي امڪانن کي روڪيندو. جيڪڏهن شڪ??يتن کي مقرر ريوليوشن ٽائيم فريم ۾ حل نه ٿو ڪيو وڃي ته اهو نظام ۾ موجود هڪ فيچر شڪ??يت کي سڌوسنئون سربراهه، وزيراعظم جي اسٽريٽجڪ ريفارمز ۽ لاڳاپيل آءِ جي آفيس تائين پهچائي ٿو. هن چيو ته ??ن سسٽم کي سمورين گهربل خاصيتن سان ليس ڪيو ويو آهي جنهن کي منفرد رجسٽريشن نمبر جي ذريعي اسٽيٽس ٽريڪنگ، اضافي ۽ بندش جي رسيد، ته جيئن تجربي کي صارف دوست بڻائي سگهجي. انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري افضل لطيف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان جو آئين ان ڳالهه تي زور ڏي ٿو ته سمورن شهرين سان برابر سلوڪ ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪمپل??نٽ مئنيجم??نٽ سسٽم صحيح رخ ۾ هڪ قدم آهي جنهن سان کدڙا فقير برادري ۾ تحفظ جو احساس پيدا ٿيندو. کدڙا فقير برادري جي اهم اڳواڻ ناياب علي خطاب ڪندي چيو ته ??يلپ لائين جي قيام تي اسان وزيراعظم محمد شهباز شريف، سلمان صوفي ۽ انساني حقن واري وزارت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ??اڪستان جي آئين کدڙن فقيرن کي سمورا حق ڏنا آهن. بدقسمتي سان هر ميدان ۾ کدڙن فقيرن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. روزانو کدڙن فقيرن جي قتل ۽ زيادتي جا واقعا ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا جڏهن ته اهڙو ڪو پليٽ فارم نه هو جتي وڃي شڪ??يتن جو سنجيدگي سان ازالو ٿئي. هن هيلپ لائين جي قيام سان اسان جي برادري کي هڪ بهترين فورم ميسر آيو آهي جتي اهي بنا هٻڪ جي رابطو ڪري پنهنجي شڪ??يتن جي داخلا ڪرائي سگهن ٿا. هي پنهنجي نوعيت جو واحد پليٽ فارم آهي جنهن سان اسان جي برادري کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته ??ن قدم تي آئون پنهنجي سموري کدڙا فقير برادري پاران وزيراعظم، سلمان صوفي ۽ انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري جا ٿورا مڃان ٿي.
وزيراعظم جي اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ پاران انساني حقن واري وزارت جي تعاون سان کدڙن فقيرن جي لاءِ شڪايت داخل ڪرائڻ جو مرڪزي مئنيجمينٽ سسٽم لانچ
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج