گابڪوچ – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي ??وري دوران جمعي ڏينهن غذر ضلعي ۾ ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ خصوصي صلاحيتون رکندڙ هڪ اهڙي ٻارڙيءَ سان ملاقات ڪئي، جنهن تازي ٻوڏ دوران پنهنجي ماءُ، 6 ڀينرن ۽ ڏاڏيءَ کي وڃائي ڇڏيو. وزيراعظم ٻارڙيءَ جي مٿي تي شفقت جو ??ٿ رکيو ۽ ٻارڙي ??ي والد کي ڳلي لڳائي تعزي?? ۽ ??فسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم ٻارڙيءَ سان ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته توهان جي ڏک کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن نه آهي، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پوري قوم توهان سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم غذر ۾ ٻوڏ متاثرين سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ با?? با?? ٻارڙي ??ي ڏک ۽ ڪرڀ جو ذڪر ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم ٻارڙي ??ي تعليم ۽ علاج جي لاءِ 50 لک رپين جي ??قم جو اعلان ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته ٻارڙيءَ جي نالي تي اينڊومنٽ فنڊ قائم ڪيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻارڙي ??ي علاج لاءِ هر ممڪن وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن.
وزيراعظم جي غذر ۾ ٻوڏ متاثر خصوصي صلاحيتون رکندڙ ٻارڙيءَ سان ملاقات، تعليم ۽ علاج جي لاءِ 50 لک رپين جي رقم جو اعلان، ٻارڙيءَ جي نالي تي اينڊومنٽ فنڊ قائم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن