اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ واپار، سي??پڪاري، توانائي ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سي??پڪاري جي لاءِ سازگار ماحول آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيه سان تعلق رکندڙ ڪمپني ليماڪ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ واپار، سي??پڪاري، توانائي ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته ترڪيه جي تازي دوري دوران سندس ترڪيه جي واپارين سان ملاقاتون تمام گهڻيون ڪامياب رهيون ۽ اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته ترڪيه جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ سي??پڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تازو ئي پريفيرينشل ٽريڊ ايگريمينٽ تي صحيحون ٿيون آهن جنهن سان گڊز، سروسز ۽ سي??پڪاري جي حوالي سان نيون راهون کليون آهن، ان معاهدي کانپوءِ پاڪستان ترڪيه گڏيل واپار جو ڪاٿو وڌي ويندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻاهرئين سي??پڪاري جي لاءِ سازگار ماحول مو??ود آهي ۽ اسان جي حڪومت سمورن پراجيڪٽس جي وقت سر پڄاڻي تي يقيني رکي ٿي ۽ اهو يقيني بڻايو وڃي ٿو ??ه منصوبن جي مڪمل ٿيڻ جي عمل ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. ليماڪ جي وفد پاڪستان ۾ پن بجلي جي شعبي ۾ سي??پڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ سي??پڪاري بورڊ جي وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، انجنيئر خرم دستگير خان، پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.
ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج