اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر ڊاڪٽر عارف علوي?? آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت سمورين اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ۽ وڏن وزيرن کي ٽيليفون تي عيدالفطر جي مبار??با?? ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ٽيليفون ڪئي، کيس عيدالفطر جي مبار??با?? ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس کي ٽيليفون ڪئي ۽ اهل ڄمون ۽ ڪشمير کي عيد جي مبار??با?? ڏني. وزيراعظم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي عيد جي نماز جي اجتماعن تي پابندين جي مذمت ڪئي. هن ڪشميرين کي ريفرنڊم ملڻ تائين ڀرپور س??اسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ٽيليفون تي سنڌ، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن ۽ بلوچستان جي وقتي گورنر کي پڻ عيد جي مبار??با?? ڏني. هن سنڌ جي وڏي وزير س??د مراد علي شاهه ۽ بلوچستان جي وڏي وزير کي ٽيليفون ڪئي. بلوچستان جي وڏي وزير جي ٻاهرئين ملڪ دوري تي هجڻ جي ڪري وزيراعظم جي ساڻس ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهي. وزيراعظم شهباز شريف سمورين اتحادي پارٽين جي اڳواڻن، وڏن وزيرن کي ٽيليفون تي عيد جي مبار??با?? ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي فون ڪئي ۽ عيد جي مبار??با?? ڏني. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو وزيراعظم کي مبار??با?? ڏني ۽ ٽيليفون ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، عيد جي مبار??با?? ڏني ۽ ملڪي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مولانا فضل الرحمان سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي ڪامياب دورن تي وزيراعظم کي مبار??با?? ڏني. وزيراعظم جماعت اسلامي جي امير سراج الحق کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس عيدالفطر جي مبار??با?? ڏني، ٻنهي اڳواڻن ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم مواصلات و??ري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، محسن داوڙ، خالد مقبول صديقي، سردار اختر مينگل، علامه ساجد مير ۽ خالد مگسي سان پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، عيد جي مبار??با?? ڏني. وزيراعظم شهباز شريف محمود خان اچڪزئي، علي نواز شاهه، شاهه زين بگٽي، اسلم ڀوتاڻي، چوڌري سالڪ حسين سان پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ عيد جي مبار??با?? ڏني. وزيراعظم چوڌري سالڪ حسين کان چوڌري شجاعت حسين جي طبيعت پڇي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت سمورين اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ۽ وڏن وزيرن کي ٽيليفون، عيد جي مبارڪباد ڏني
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری