اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر عالمي برادري تي زور ڏيندي چيو آهي ته مشڪل جي ان گهڙي ۾ اف??انستان جي عوام جي امداد وقت جي اهم گهرج آهي، اف??انستان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو اف??ان عوام لاءِ ضروري آهي پر پاڪستان جي وچ اوڀر جي ملڪن تائين واپار لاءِ پهچ لاءِ به ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اف??انستان جي حوالي سان بين الوزارتي ڪوآرڊينيشن سيل (اي آءِ سي سي) جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، وزيراعظم جي خصوصي مددگار شهزاد ارباب ۽ اف??انستان جي لاءِ خصوصي نمائندي محمد صادق سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي آغاز تي قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي آجيان ڪئي ۽ ان کي اف??انستان ۾ بين الوزارتي ڪوآرڊينيشن سيل جي ڪردار ۽ اف??ان عوام جي لاءِ ان فورم تان انساني امداد جي حوالي سان هن وقت تائين کنيل قدمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ٻ??اي?? ويو ته وزيراعظم پاران اف??ان عوام جي امداد لاءِ پنج ارب روپين جو پيڪيج جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ روز مره استعمال جون شيون، زندگي بچائڻ واريون دوائون، ڪمبل، خيما ۽ سردي کان بچاءُ لاءِ ٻيون شيون به شامل هيون. اهڙيون عالمي غير سرڪاري تنظيمون جيڪي اف??انستان ۾ انساني امداد جي تحت طبي ڪاروبا??ي ۽ ٻيا خصوصي قدم کڻڻ جو ارادو رکنديون آهن انهن جي لاءِ ويزا جاري ڪرڻ جو عمل شروع آهي ته جيئن هو عالمي غير سرڪاري تنظيمون اف??ان عوام جي لاءِ انساني امداد لاءِ پنهنجون ڪوششون استعمال ۾ آڻي سگهن، اهڙي طرح اف??انستان واپسي لاءِ هن وقت تائين ڦاٿل مريضن جي لاءِ سهولتن جي آڇ به ڪئي وئي. اجلاس کي ٻ??اي?? ويو ته غير ملڪي سيڙپڪارن کي ڊگهي مدي واري قيام لاءِ هڪ تجويز وزيراعظم کي منظوري لاءِ مو??لي وئي آهي. اهڙي طرح پشاور جلال آباد ۽ ڪوئيٽا قنڌار جي وچ ۾ بس سروس شروع ڪرڻ جي حوالي سان ڪم جاري آهي، اجلاس کي ٻ??اي?? ويو ته اعليٰ سطحي آفيسرن جو هڪ وفد اف??انستان جو دورو ڪندو ۽ اف??ان حڪومت سان گڏجي امدادي سرگرمين بابت رخن جو جائزو وٺندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر اف??ان بين الوزارتي ڪوآرڊينيشن سيل جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ چيو ته ان فورم پاران پاڙيسري ملڪ جي امداد لاءِ ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مشڪل جي وقت ۾ عالمي برادري کي اف??انستان جي عوام کي بي آسرو نه ڇڏڻ گهرجي. هن چيو ته اف??انستان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو اف??انستان جي عوام لاءِ ضروري آهي پر وچ اوڀر تائين پاڪستان جي پهچ لاءِ به ضروري آهي.
عالمي برادري پاران مشڪل جي ان گهڙي ۾ افغانستان جي عوام جي امداد وقت جي اهم گهرج آهي: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔