اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آمريڪا جو انتهائي ڪامياب دورو مڪمل ڪري ورتو آهي جتي هن گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي آمريڪا جي دوري کي سفارتي لحاظ کان انتهائي اهم قرار ڏنو پيو وڃي جنهن ۾ هن اهم شخصيتن سا?? ملاقاتون ڪيون ۽ افغانستان جي صورتحال سميت مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو ڀرپور موقف پيش ڪيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي 20 سيپٽمبر تي گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويار?? پهتو. پرڏيهي وزير گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير ڪائونسل آن فارن ريليشنز ۾ بطور خاص مهمان شرڪت ڪئي ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن، افغانستان جي صورتحال سميت مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. پرڏيهي وزير عالمي ميڊيا نمائندن سا?? ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ مختلف معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. پرڏيهي وزير آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني جي بلنڪن سا?? ملاقات ڪئي. ان ملاقات ۾ ٻطرفا لاڳاپا، افغانستان جي صورتحال ۽ گڏ??ل دلچسپي جا معاملا غور هيٺ آيا. آمريڪي پرڏيهي وزير انخلا جي عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. پرڏيهي وزير يورپي يونين جي پرڏيهي لاڳپن ۽ سلامتي جي سربراهه بوريل جوزف سا?? مليو ۽ ٻطرفن لاڳاپن، اسٽريٽجڪ حصيداري سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي او آءِ سي ڪشمير بابت رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو ۽ پنهنجي خطاب ۾ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خ??اف ورزين تي پاڪستان جي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي آمريڪا جي افغانستان بابت خاص نمائندي ايمبيسڊر زلمي خليل زاد، انٽرنيشنل ڪميٽي ريڊ ڪراس جي صدر پيٽر مور، گڏ??ل قومن جي پناهگيرن بابت ڪمشنر فليپو گرانڊي سا?? ملاقاتون ڪيون ۽ عالمي برادري جو ڌيان افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني الميي طرف ڇڪرايو. پرڏيهي وزير سعودي عرب، قطر، ترڪيءَ، مصر، انڊونيشيا، پرتگال، بيلجيئم، آئرلينڊ، سوئيڊن، ناروي، سلووينيا، رومانيه، فن لينڊ، جاپان سميت مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سا?? ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير ٽي آر ٽي ورلڊ، نيويارڪ ٽائيمز، الجزيره، ايسوسيئيٽيڊ پريس سا?? اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. پرڏيهي وزير فارن پريس ايسوسيئيشن سا?? ورچوئل ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ پاڪستاني آمريڪن ڪميونٽي کي خطاب ڪيو. پرڏيهي وزير ڊي – 8 فورم ۾ شرڪت ڪئي ۽ خيالن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير ”اتفاق بابت اتحاد“ فورم ۾ شرڪت ڪئي ۽ خيالن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير پاڻي وسيلن ۽ ماحولياتي تبديلي جي حوالي سا?? منعقد ورچوئل فورم کي خطاب ڪيو. پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ پاڪستاني ميڊيا نمائندن سا?? ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال سميت اهم معاملن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير پاڪستان جي نمائندگي ڪندي وزيراعظم عمران خان جي گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس کي وڊيو خطاب جي موقعي تي جنرل اسيمبلي هال ۾ موجود رهيو.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آمريڪا جو انتهائي ڪامياب دورو مڪمل ڪري ورتو
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل