اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن کي ??وفزده ڪرڻ جي خلاف تحفظ ۽ انهن کي وراثت جا حق فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ انصاف تي ٻڌل معاشرا ئي ترقي ڪندا آهن، پاڪستان ۾ به اجتماعي ڪوششن سان ??هڙ?? معاشرو جوڙي سگهجي ٿو، محتسبين جي منصفاڻي فيصلن جي نتيجي ۾ سائلن خاص طور عورتن کي پنهنجي شڪايتن جي ازالي جي حوالي سان حوصلا افزائي ٿيندي، ان حوالي سان ڀرپور آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي،
هو ايوان صدر ۾ حراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ جي اهتمام هيٺ حراسيت جي خلاف تحفظ ۽ عورتن جي جائيداد جي حقن جي مناسبت سان هڪ سيمينار کي ??طاب ڪري رهيو هو، وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر حراسيت جي خاتمي بابت وفاقي محتسب ڪشمالا طارق گڏيل قومن جي اداري يو اين ويمن جي سربرهه شرميلا رسول به تقريب کي ??طاب ڪيو، تقريب ۾ غير ملڪي سفارتڪارن، مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ۽ ٻين نمايان شخصيتن شرڪت ڪئي، صدر عورتن کي هر قسم جي حراست کان تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي وراثت جا حق فراهم ڪرڻ جي اهميت کي ??جاگر ڪندي چيو ته تاريخي لحاظ کان دنيا جي سڀني معاشرن ۽ خاص طور تي اولهه ۾ عورتن جا حق غصب ڪيا ويندا رهيا آهن، پر اسلام 1400 سال اڳ عورتن جي عزت ۽ تڪريم سان گڏ انهن جي حقن جي تحفظ جي ضمانت ڏني هئي.
هن چيو ته عورتون فڪري صلاحيتن جي لحاظ کان ڪنهن به طرح ڪمزور نه آهن، تعليم ۽ شعور سان عورتن جي لا??ِ اڳتي وڌڻ جا مو??عا وسيع ٿيا آهن، صدر چيو ته عورتون پنهنجي صلاحيتن جي ڪري معاشري ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي آهي جيتوڻيڪ انهن کي هاڻي به معاشرتي تعصب درپيش رهندا آهن، هن حراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب سيڪريٽري جي ڪردار کي ??اراهيندي چيو ته عورتن کي ??ن حوالي سان به ڀرپور آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هو پنهنجي خلاف ڪنهن به قسم جي نامناسب روين جي خاتمي ۽ پنهنجي حقن جي تحفظ لا??ِ ان جي خدمتن مان فائدو وٺي سگهن. هن چيو ته عورتن کي هر شعبي ۾ اڳتي آڻڻ جي لا??ِ انهن کي مڪمل تحفظ جي خاطري ڏيارڻ ضروري آهي.
صدر معاشرتي براين کي ??وڪڻ لاءِ قانون جي موجودگي، ان تي عملدرآمد، سزا ۽ جزا جي صورتحال ۽ معاشرتي رد عمل جي اهميت کي ??جاگر ڪيو ۽ چيو ته ان حوالي سان شعور ۽ مڪمل آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن ميڊيا ۾ معاشرتي ڪمزورين جي عڪاسي سان گڏوگڏ سٺي قدرن ۽ رويتن کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو. صدر عارف علوي سڀني محتسبن تي زور ڏنو ته هو جيترا سٺا فيصلا ڪندا اوترو ئي شهرين ۽ خاص طور تي عورتن کي پنهنجي شڪايتن جي ازالي لا??ِ انهن سان رجوع ڪرڻ جي حوالي سان حوصلا افزائي ٿيندي.
ان مو??عي تي حراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ جي ڪمن جي باري ۾ ڊاڪٽيومينٽري جڏهن ته مختلف شعبن ۾ عورتن جي خدمتن کي ??راج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ٽيبلو به پيش ڪيو ويو.