اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يا?? واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ اطلاعات ۽ نش??يا?? واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ٽي سالا ڪارڪردگي رپورٽ جناح ڪنيويشن سينٽر ۾ ٿيندڙ تقريب دوران وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪئي، اها رپورٽ اطلاعات ۽ نش??يا?? واري وزارت پاران جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ ڪورونا جي تناظر ۾ عالمي اقتصادي ٻائڙائي باوجود حڪومت جي ڪ??مي??بين تي ڌيان رهيو آهي، ان ڪارڪردگي رپورٽ ۾ نئين پاڪستان جي ويزن تحت عام ماڻهو کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ سڀني وزارتن ۽ ڊويزنن جي ڪوششن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، 21 -2018ع جي رپورٽ 251 صحفن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ 44 عوامي ادارن سميت وزارتن، ڊويزنن ۽ ڊپارٽمينٽس جي ڪ??مي??بين جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي، هر شعبي جي 20 لائينن جي وزارت کانسواءِ ان ۾ اهم مقصد، قدمن تي اپ ڊيٽس، ڊگهي مدي واري حڪمت عملي، قانونسازي، پاليسي فريم ورڪ ۽ پائيپ لائين ۾ منصوبن تي به ڌيان ڏنو ويو آهي، مواد جي وضاحت گرافڪس ۽ لاڳاپيل انگ اکرن ۽ حقيقتن جي ذريعي ڪئي وئي آهي، حڪومت ڪووڊ -19 جي صورتحال تي ضابطو آڻڻل لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي اختيار ڪئي، ملڪ ۾ 30 ملين ويڪسين جون خوراڪون لڳ??ئڻ سميت پرسنل پروٽيڪشن ايڪوئپمنٽس جي تياري حڪومت جون اهم ڪ??مي??بيون آهن، عام ماڻهو جي ترقي لاءِ حڪومت گهٽ آمدني وارن طبقن کي سستي رهائش فراهم ڪرڻ لاءِ نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام، سماجي تحفظ لاءِ احساس پروگرام نوجوانن کي روزگار جي فراهمي لاءِ ڪ??مي??ب جوان پروگرام شروع ڪيا، قانونسازي جي حوالي سان 54 قانون تيار ڪيا ويا، ڪوڊ آف سول پروسيجر ترميمي ايڪٽ 2020، انفورسمٽ آف وومين پراپرٽي رائٽس ايڪٽ 2020ع ۽ ليگل اينڊ اينڊ جسٽس اٿارٽي ايڪٽ 2020ع به شامل آهن ته جيئن معاشري جي غريب ۽ پوئتي پيل طبقن کي مدد فراهم ڪري سگهجي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ۽ مملڪتي وزير ٽي سالا ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil