اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ايندڙ هفتي وزيراعظم عمران خان جو سعودي عرب جو دورو ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، وزيراعظم عمران خان سعودي عرب ۾ پ??ڪس??اني سفارتخاني جي خلاف شڪايتن جو نوٽيس وٺندي سعودي سفير کي مدو مڪمل جڏهن ته ٻين 6 سفارتي عملي کي واپس گهرايو ويو آهي ان جي خلاف تحقيقات جو آغاز ڪيو ويو آهي، سڄي دنيا ۾ پ??ڪس??ان جي سفارتخانن لاءِ وارننگ آهي ته اهي اوورسيز پ??ڪس??انين جي خدمت ۽ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائين ٻي صورت ۾ انهن جي خلاف به اهڙي ئي ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي پ??ڪس??ان جي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز پهرين ئي فضل الرحمان جي دوستن کي شڪست ڏني هاڻي به پ??ڪس??ان جي دفاع لاءِ سيڪيورٽي فورسز عوام جي حم??يت ۽ تائيد سان شيهي جي ديوار ثابت ٿيندا. هو سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته سنڌ جي گورنر جو اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو دورو ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪريون ٿا اڄ جو ڏينهن گهڻو اهم آهي ڪراچي جي تڪ اين اي 249 جي حوالي سان سمورا سروي ٻڌائي ر??يا آهن ته اڄ جو ڏينهن پ??ڪس??ان تحريڪ انصاف جو ڏينهن آهي پي ٽي آءِ ڪراچي ۽ سنڌ تنظيم جي گڏيل ڪوششن سان سنڌ جي عوام سمورن مسئلن جو حل پي ٽي آءِ کي سمجهي رهي آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت نئين پ??ڪس??اني جي واعدي جي تڪميل جي لاءِ ڪاربند آهي، هن چيو ته اوورسيز پ??ڪس??انيز وزيراعظم عمران خان جي دل جي گهڻو ويجهو آهي، سعودي عرب ۾ پ??ڪس??اني سفارتخاني ۾ سفارتي عملي پاران سهولتن جي عدم فراهمي ۽ رشوت جي شڪايتن تي وزيراعظم سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ سعودي عرب جي سفير جنهن جو مدو مڪمل ٿي چڪو هو سميت 7 سفارتڪارن کي پ??ڪس??ان واپس گهرائي انهن جي خلاف تحقيقات شروع ڪئي وئي آهي سفارتخانا جيڪڏهن پرڏيهي پ??ڪس??انين کي سهولتون ۽ ضروري خدمتون فراهم نٿا ڪري سگهن ته انهن جي سفارتخاني ۾ ڪا به ضرورت نه آهي، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته مولانا فضل الرحمان جي اها ڳالهه ته اسان هڪ مهينو به جنگ نٿا وڙهي سگهون اها ان جي غلط فهمي آهي طالبان جي باري ۾ به هو چوندو هو ته اهي اسلام آباد جي ويجهو پهچي چڪا آهن، پ??ڪس??اني فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز ته مولانا فضل الرحمان جي دوستن جو به مقابلو ڪيو ۽ کين شڪست ڏني هاڻي به فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا پ??ڪس??ان جي دفاع لاءِ شيهي جي ديوار آهن.
وزيراعظم جو سعودي جو دورو لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو: فواد حسين
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا