سيالڪوٽ – 08 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته لنڊن ۾ مافيا پنهنجو مال بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، اڳواڻ کي بيمار چئي ضمانت وٺندڙ انهي ??پا??ٽمينٽ ۾ ڳٺ جوڙ ڪري رهيا آهن، کربن جي ??پا??ٽمينٽ ۾ ويهي عوام جي درد جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، انهن جي معاشي پاليسين جي ڪري عوام مشڪلاتن جو شڪار آهي، شريف فيملي ساٿين سميت لنڊن بدران پاڪستان ۾ اجلاس ڪري. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نواز شريف لنڊن ??پا??ٽمينٽس جي ملڪيت کان مسلسل انڪار ڪندو رهيو، سسيلين مافيا چورائيندڙ گاڊ فادر اڄ انهي ??پا??ٽمينٽ ۾ سياسي اجلاس ڪري رهيو آهي، هن چيو ته عدالتن کي گهربل ۽ فرار ماڻهو جيڪو قانون ??و ڏوهاري ۽ جوابدار به آهي، پاڪستان ۾ قانون ۽ عدالتون کيس گهرائي رهيو آهن.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں