اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ملڪ ۾ سموگ ۽ موسمي حالتن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل کاتن جي وچ ۾ وسيع رابطا ۽ اڳواٽ منصوبابندي جي ضرورت ت?? زور ڏنو آهي. هن اها ڳالهه وزيراعظم آفيس ۾ بجلي جي پيداوار ۽ ملڪ ۾ طلب ۽ پهچ جي صورتحال ج?? جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. بجلي وارو وفاقي وزير اويس احمد ??ان لغاري، بجلي ۽ پيٽروليم ڊويزنن جا سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل سينيئر عملدار پڻ اجلاس ۾ م??جود هئا. وزيراعظم کي بجلي جي تازي تعطل بابت ٻڌايو ويو جنهن سبب ڏکڻ پنجاب، اتر سنڌ ۽ ملڪ جا ٻيا حصا متاثر ٿيا آهن. اهو به ٻڌايو ويو ته وقت کان اڳ سموگ غيرمعمولي آهي ۽ خشڪ موسم سبب وڌيڪ جاري رهڻ جو امڪان آهي جنهن جي نتيجي ۾ ٽرانسميشن لائينن جي ٽرپنگ ٿي.
مضمون کا ماخذ : quina acumulada