اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته تازي ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ بحران کي منهن ڏيڻ ۾ عالمي برادري کي پاڪستان جي مدد لاءِ عملي ??دم کڻڻ گهرجن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سال??ان?? اجلاس جي موقعي تي عالمي اڳواڻن سان انهن جي رابطن ۽ ملاقاتن جو سلسلو ٽئ??ن ڏينهن به جاري رهيو. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي تي عالمي برادري پاران پاڪستان سان وڏي پئماني تي همدرديءَ ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هاڻ?? وقت اچي ويو آهي ته دنيا يڪجهتي جي ان اظهار کي عملي ??دمن جي شڪل ڏي ته جيئن پاڪستان ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي سگ??ي.
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha