اسلام آباد – 23 – جون (??ي پي پي) پاڪستان ۾ ترڪيءَ جي سفير احسان مصطفيٰ يرداڪل پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ڀائر ملڪ پاڪستان سان گڏيل لاڳاپن کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ ميڊيا سميت زندگي جي هر شعبي ۾ تعاون موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي ??ابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (??ي پي پي) جي اردو نيوز سر??س جي اپ گريڊيشن جي م??صوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ترڪ سفير اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان گڏ ربن ڪاٽي ??ي پي پي اردو سر??س جي اپ گريڊيشن جي م??صوبي جو افتتاح ڪيو جنهن جي لاءِ ترڪ جي تعاون ۽ گڏيل رابطن واري اداري (تيڪا) معاونت فراهم ڪئي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن ۽ اطلاعات واري وزارت ۽ ??ي پي پي جا اعليٰ آفيسر پڻ ان موقعي تي م??جود هئا. ترڪ سفير چيو ته ترڪ جي تعاون ۽ گڏيل رابطن واري اداري (تيڪا) جي تعاون سان قومي ??ابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي اردو نيوز سر??س جي اپ گريڊيشن ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت سندس لاءِ اعزاز آهي. هن چيو ته ميڊيا انتهائي اهميت رکندڙ شعبو آهي، ٻنهي م??ڪن جو ميديا سميت مختلف شعبن ۾ اڳ ۾ ئي تعاون ۽ حصيداري جاري آهي. سڄي دنيا ۾ ميڊيا نئين رجحانن ۽ ٽيڪنالاجيز کان روشناس ٿي رهي آهي ۽ هي هڪ اهڙو قدم آهي جيڪو ??ي پي پي کي جديد رخن تي آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اميد آهي ته ان سان ??ي پي پي کي فائدو ٿيندو. هن ??ي پي پي انتظاميا ۽ تيڪا جا پڻ ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ??ي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اختر منير ترڪ سفير کي قومي ??ابرو اداري جي معاملن بابت آگاهه ڪيو ۽ اردو سر??س جي رنگ روغن ۽ ان کي پيشيواراڻي جديد اوزارن جي فراهمي ??ي ان جا ٿورا مڃيا. اختر منير چيو ته تيڪا پاران فراهم ڪيل تعاون سان اردو سر??س کي پنهنجي نيوز آپريشن ۽ پيشيواراڻي خدمتن کي خوش اسلوبي سان سرانجام ڏيڻ ۾ معاونت سان گڏوگڏ ڪم ڪار جو بهتر ماحول مليو آهي. هائي ٽيڪ ورڪ اسٽيشنز، لوڪل ايريا نيٽ ورڪنگ، جديد سر??ر ۽ ٻئي ساز و سامان جي فراهمي ۽ انفراسٽرڪچر جي بهتري سان اداري کي م??جوده دور جي م??ڊيا سان وڌيڪ چٽاڀيٽي وارو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. تيڪا جي ڪنٽري ڪوآرڊينيٽر محسن بالجي ان تعاون کي ترڪ عوام پاران هڪ تحفو قرار ڏيندي چيو ته ان سان پاڪ ترڪ ڀائراڻن رشتن کي وڌيڪ فروغ ملندو. ان کان اڳ ??ي پي پي هيڊڪوارٽر اچڻ تي ??ي پي پي جي ايم ڊي اختر منير، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عديله ر??اب ڪاظمي، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نيوز محمد حنيف صابر، ڊائريڪٽر ??ي پي پي اردو سر??س عبدالجبار ذڪريا، ڊائريڪٽر ڊيجيٽل نيوز شفيق احمد قريشي، ڊائريڪٽر آءِ ٽي غواث خان، ڊائريڪٽر ايڊمن عدنان گهمن ۽ ٻين سينيئر آفيسرن وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ترڪ سفير ۽ تيڪا جي عملدارن جو شاندار استقبال ڪيو.
پاڪستان سان گڏيل لاڳاپن کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا: ترڪ سفير احسان مصطفيٰ يرداڪل
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا