اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين، بل گيٽس خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن پاڪستان جي پهرين دوري جي والهاڻي استقبال تي صدر جو ٿورو ادا ڪندي چيو آهي ته ??نهنجي لاءِ ”هلال پاڪستان“ حاصل ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي. ايوان صدر ج?? پريس ونگ مان جاري بيان موجب بل گيٽس پنهنجي خط ۾ پاڪستان جي هر ٻار جي صحت ۽ بهبود جي تحفظ لاءِ صدر جي عز?? کي ساراهيندي چيو ته ??اڪستان جي ايندڙ نسلن لاءِ پوليو کان پاڪ مستقبل يقيني بڻائڻ جو ڪم واکاڻ جوڳو ??هي. هن چيو ته ??اڪستان پوليو وائرس جي خلاف جنگ ۾ قابل ذڪر اڳڀرائي ڪئي آهي، هڪ سال کان وڌيڪ عرصي ۾ پاڪستان ۾ ڪو به نئون ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو، پوليو تي پاڪستان جي مسلسل ڪوشش ملڪ جي ترقي کي تي?? ڪرڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندي. بل گيٽس چيو ته ذهني ۽ جسماني ڪمزوري، غذائيت جي کوٽ جهڙن موضوعن تي ڳالهه ڪري خوشي ٿي. خانداني منصوبابندي جي خدمتن تائين پهچ، احساس سماجي تحفظ ج?? پروگرا?? کي موثر بنائڻ تي ڳالهه ٿي، خط ۾ وڌيڪ چيو ويو ته گڏيل دلچسپي جي ٻين مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت پاڪستان سان حصيدار جو منتطر آهيان.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي بل گيٽس جو خط، پاڪستان جي دوري دوران والهاڻي استقبال تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری