اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان مختلف شعبن خاص طور تي واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، ملڪ جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي ملڪ جي سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول مان فائدو کڻڻ ۽ پاڪستان جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ڪر?? جي ضرورت آهي. صدر اها ڳالهه آمريڪا ۾ پاڪستان جي نامزد سفير سردار مسعود خان سان ملاقات دوران چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. نامزد سفير سان ڳالهائيندي صدر چيو ته حڪومت جيو اڪنامڪس تي ??يا?? ڏئي رهي آهي ۽ ٻطرفي واپار ۽ آمريڪا سان سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري کي وڌائ?? جي لاءِ تعاون جي وڌيڪ شعبن کي ڳول?? جي ضرورت آهي. هن چيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪي معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کانسواءِ ٻطرفن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌائ?? جي لاءِ هڪ پل جو ڪم ڪر?? جي صلاحيت رکن ٿا. صدر سفير کي چيو ته هو ڀارت جي اصل چهري کي بي نقاب ڪري جيڪو ڀارتي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۾ ملوث آهي. صدر نامزد سفير کي آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير طور مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪي?? ته هو آمريڪا سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪ??دار ادا ڪري.
پاڪستان آمريڪا سان مختلف شعبن خاص طور تي واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج