اسلام آباد – 26 ج??وري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪووڊ – 19 جي عالمگير وبا ۽ عالمي سطح تي 10 سالن جي سڀ کان وڌيڪ مهانگائي سميت ٻين معاشي چئلينجن جي باوجود پائيدار ترقي جي 5.37 سيڪڙو شرح حڪومت جي ڪاميابي آهي، هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ روانگي و??پار، ٽيڪس وصولي، جنسن جي پيداوار ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو ته مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ آءِ ٽي روانگي و??پار 35.8 سيڪڙو، ايف بي آر ٽيڪس وصولي 32.4 سيڪڙو، اسٽيٽ بئنڪ ريزور 31.8 سيڪڙو، ٽيڪسٽائيل روانگي و??پار 26 سيڪڙو، سروسز روانگي و??پار 20.4 سيڪڙو، مٽ??سٽا جي ناڻي ۾ 13.3 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته ڪپهه، چانور، ڪڻڪ، ڪمند ۽ مڪئي جي فصلن جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن سان آبادگارن وٽ اربين روپين جي اضافي آمدني ٿي آهي ۽ آبادگارن جي خريداري جي سگهه ۾ اضافو ٿيو آهي.
ڪووڊ – 19 جي عالمگير وبا ۽ ٻين معاشي چئلينجن جي باوجود پائيدار ترقي جي 5.37 سيڪڙو شرح حڪومت جي ڪاميابي آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ