اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) عالمي سطح تي بهترين رائج طريقن موجب ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جي آءِ ايس مانيٽرنگ سسٽم کي استعمال ۾ آڻيندي ستين آد??شم??ري ۽ گهر شماري ڪرائڻ ۽ ان ڏس ۾ گهر شماري مانيٽرنگ ڪميٽي جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جو 49 هون اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيو،
وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان اجلاس ۾ وڏن وزيرن جي آجيان ڪندي چيو ته صوبن جي مطالبي تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاسن جو انعقاد وڌ??ئي سگهجي ٿو. وزيراعظم سي سي آءِ جي مستقل سيڪريٽريٽ جي قيام تي ميمبرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اهو وفاقي ۽ صوب??ئي حڪومتن جي وچ ۾ حصيداري جو مظهر آهي، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وفاقي حڪومت سڀني اڪاين ۽ ڌرين سا?? مشاورت سا?? قومي معاملا طئي ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. سي سي آءِ ستين آد??شم??ري ڪرائڻ جي منظوري ڏيندي ”آد??شم??ري مانيٽرنگ ڪميٽي“ جي قيام جي منظوري ڏني، ان ڪميٽي جي سربراهي پلاننگ ڪميشن جو ڊپٽي چي??رم??ن ڪندو، جڏهن ته سڀئي صوبا چيف سيڪريٽريز، نادرا جو چي??رم??ن، اسلام آباد جو چيف ڪمشنر ۽ ٻيا سينئر عم??دار ڪميٽي جا ميمبر هوندا.
ڪميٽي آد??شم??ري جي شفاف جلد ۽ اعتماد جي قابل هئڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ سرگرمين جو جائزو وٺندي ۽ نگراني ڪندي. آد??شم??ري مشاورتي ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ سي سي آءِ عالمي سطح تي بهترين طريقن موجب ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جي آءِ ايس مانيٽرنگ سسٽم کي استعمال ۾ آڻيندي ستين آد??شم??ري ۽ گهر شماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته آد??شم??ري کان پهرين گهرشماري ڪئي وڃي، وزيراعظم زور ڏنو ته حڪومت چاهي ٿي ته هڪ قابل اعتماد آد??شم??ري ۽ گهرشماري ڊيٽا جوڙيو وڃي ته جيئن شهرين جي ڀل??ئي جي منصوبن ۽ پاليسين جي لاءِ ان کي استعمال ۾ آڻي سگهجي. اجلاس ۾ سي سي آءِ جي مالي سا?? 21 -2020ع جي لاءِ سا??ياني رپورٽ جي منظوري ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته ان عرصي دوران 6 اجلاس ٿيا، جنهن ۾ 21 ايجنڊا ايٽمز تي غور ڪيو ويو ۽ 13 فيصلن تي عم??درآمد ڪيو ويو جڏهن ته 6 عم?? هيٺ آهن،
اڳوڻن فيصلن تي عم??درآمد جي حوالي سا?? سي سي آءِ کي ٻڌايو ويو ته 110.928 ملين روپين جي لاڳت سا?? سي سي آءِ جو خودمختيار سيڪريٽريٽ قائم ٿي چڪو آهي. ان جي قيام سا?? وفاقي ۽ صوب??ئي حڪومتن جي وچ ۾ موثر ڪوآرڊينيشن ۾ مدد ملندي، سي سي آءِ ڪراچي جي لاءِ اضافي پاڻي جي ضرورتن جي معاملي تي صوبن جي راءِ جو جائزو وٺڻ ۽ سياسي ۽ ٽيڪنيڪي سطح ۽ پاڻي بابت معاملن لاءِ ڪميٽي ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.