اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته قومون ذهنن سان ٺهنديون آه??، پاڪستان ۾ اعليٰ ت??ليم تي ڌيان وڌي رهيو آه??، ملڪ کي تعليم ۽ هايئر ايجوڪ??شن ۾ اڳتي وڌائينداسين، معاشرو تعليم يافته عورتن کي انهن جي اهليت موجب ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري، تعليم جي ميدان ۾ ترقي ڪري پاڪستان وڏي تيزي سان ترقي يافته ملڪ بڻجندو. صدر اهڙن خيان جو اظهار ڪنوينشن سينٽر ۾ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي 2021ع جي ڪانووڪ??شن کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانووڪ??شن ۾ يونيورسٽي جي چانسلر ڊاڪٽر عارف علوي، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي، تعليم واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري وجيهه اڪرم ۽ يونيورسٽي جي مختلف شعبن جي سربراهن کانسواءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي هڪ وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته يونيورسٽي جي نائين ڪانووڪ??شن ۾ شرڪت تي خوشي آه??، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته انهن زندگي جو هڪ مرحلو عبور ڪري ورتو آه??. تعليمي ميدان ۾ قائداعظم يونيورسٽي جي نمايان ڪاميابي کي ساراهيندي هن چيو ته قائداعظم يوينورسٽي پاڪستان جي ٻين تعليمي ادارن جي ڀيٽ ۾ رينڪنگ جي لحاظ کان نمبر ون آه??. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اهو نمايان مقام محنت سان اچي ٿو، ان ڳالهه جي وڏي اهميت آه?? ته تعليم ڪهڙي انداز سان ڏني وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اعليٰ ت??ليم تي ڌيان وڌي رهيو آه??، هي قوم هڪ خاص مقصد ۽ منزل سان اڀري رهي آه??، جمهوريت جي بنياد تي پاڪستان وجود ۾ آيو ۽ مديني جي رياست جي طرز تي هلڻو آه??، ملڪ کي تعليم ۽ هايئر ايجوڪ??شن ۾ اڳتي وڌائينداسين. هن چيو ته پاڪستان اخلاقيات جي بنياد تي دنيا جو ليڊر بڻجندو، برينڊ پاڪستان جو بنياد ديانتداري هوندي، دنيا ۾ فيڪ نيوز جي يلغار آه??، شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ والدين ۽ معاشري جي خدمت ڪ??. ص??ر چيو ته پاڪستان ۾ رڳو 9 کان 10 شاگرد هايئر ايجوڪ??شن ۾ وڃن ٿا جڏهن ته خطي جي ٻين ملڪن ۾ اها شرح وڌيڪ آه??. صدر چيو ته قومون قدرتي وسيلن سان نه ذهنن سان ٺهنديون آه??، موهن جو دڙو هزارين سال اڳ آباد ٿيو پر توهان کي اتي ڪو هٿيار نه ملندو، جرمني ۽ جاپان ٻي عالمي جنگ کانپوءِ تعليم ذريعي ترقي جون منزلون طئي ڪيون، پاڪستان ۾ نوجوانن جو انگ وڌيڪ آه?? جن تي ڌيان ڏئي انهن کي اعليٰ ت??ليم يافته ۽ هنرمند بڻائي سگهجي ٿو، يونيورسٽي جي شاگردن ۽ فيڪلٽي کي مبارڪباد ڏيندي صدر چيو ته يونيورسٽي جي فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پنهنجو ڪيريئر ٺاهڻ سان گڏوگڏ معاشري جون ذميواريون پڻ کڻڻ گهرجن ۽ ان مقصد جي لاءِ ٻين جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.
قومون ذهنن سان ٺهنديون آهن، پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم تي ڌيان وڌي رهيو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب