شورڪوٽ – 25 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀارت کي خبردار ڪيو آ??ي ته پاڪستان کي ڪڏهن به گهٽ نه سمجهيو وڃ??، پاڪ فضائيه جو ڪير به مقابلو نٿو ڪري سگه??، پي اي ايف 27 فيبروري 2019ع تي بالاڪوٽ جي علائقي ۾ ڀارتي جهاز ڪيرائي پنهنجي ا??لي?? کي ثابت ڪري ڇڏيو، پاڪ فضائيه جي ڪارڪردگي سان منهنجو سر فخر سان بلند ٿي ويو. پي اي ايف ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ پاڪستان جي حدن ۾ ڀارتي جهاز ماري ڪيرايو. پاڪستان ايئر فورس پنهنجي ڪارڪردگي سان پنهنجي ا??لي?? ثابت ڪئي آه??، پي اي ايف ڪيترائي هيروز پيدا ڪيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي پي اي ايف رفيقي بيس تي جنگي جهازن جي 50 هين سالگرهه ۽ ڪلر ايوارڊز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان به موجود هو. تقريب دوران ملڪ جي دفاع لاءِ شاندار خدمتن تي پي اي ايف جي اڳوڻن ۽ موجوده آفيسرن ۽ ٽيڪنيشنز کي ايوارڊز سان به نوازيو ويو. صدر تقريب کي خطاب دوران چيو ته گذريل ڪجهه سالن جي دوران مختلف مسئلن کي منهن ڏيندي اسان متحد رهڻ جو سبق سکيو آ??ي. هن چيو ته پاڪستان واحد ملڪ آهي جيڪو جهاز ٺاهيندو آ??ي ۽ ان سان گڏوگڏ دهشتگردي جي خاتمي جو اعزاز به رکي ٿو ۽ اهو اعزاز س??ر پاوز س??يت ٻي ڪنهن ملڪ کي حاصل نه آهي. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف ڪامياب رهيو آ??ي ڇو ته ان جي بهادر هٿياربند فوج ۽ سويلين تقريبن هڪ لک جانين جي قرباني ڏني آهي. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان پاران امن جي آڇ جي باوجود ڀارت جو ڪردار هڪ انتهاپسند رياست جو آ??ي ڇو ته حقيقت ۾ ڀارت کي خطرو آ??ي ته پاڪستان ڀارت تي حملو ڪري سگهي ٿو، تنهن هوندي به پاڪستان ڀارت جي عدم استحڪام مان ڪڏهن به خوش نه ٿيندو ڇو ته ان طرح جي صورتحال سان خطي جا ٻيا ملڪ به متاثر ٿي سگهن ٿا.
پاڪستان کي ڪڏهن به گهٽ نه سمجهيو وڃي، پاڪ فضائيه جو ڪير به مقابلو نٿو ڪري سگهي: صدر
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2