اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هائوسنگ ۽ تعمي??ات جي شعبي جي ترقي لا??ِ مراعتن ۽ سهولتن جو اعلان ڪندي ??ئين پاڪستان هائوسنگ پراجيڪٽ لا??ِ 30 ارب روپين جي سبسڊي مختص ڪري ڇڏي آهي، پهرين هڪ لک گهرن جي تعمير تي في گهر 3 لک روپيا سبسڊي ڏني ويندي، قرض جي صورت ۾ مارڪ اپ جي شر?? پنج مرلي جي گهر جي لا??ِ 5 سيڪڙو ۽ 10 مرلي جي گهرن جي لا??ِ 7 سيڪڙو هوندي، اين او سي ۽ ٻين سهولتن جي لا??ِ صوبن سان گڏجي ون ونڊو آپريشن جو آغاز ڪيو ويو آهي، سستن گهرن جي تعمير تي ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، گهر جي خريداري تي آمدني جا ذريعا نه پڇيا ويندا، سمورا ماڻهو 31 ڊسمبر تائين حاصل سهولتن مان هر ممڪن فائدو کڻن، هائوسنگ ۽ تعمي??ات جي شعبي کي ترقي ڏيڻ سان ملڪي مع??شت کي استحڪام ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعمي??ات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جي پهرين اجلاس کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ هائوسنگ ۽ تعمي??ات جي شعبي جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون ۽ مشڪلاتون هيون جنهن کي ختم ڪرڻ جي لا??ِ قومي رابطا ڪميٽي جوڙي وئي. هن چيو ته نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جا مقصد حاصل ڪرڻ جي لا??ِ مختلف رخن ۾ ڪم ڪيو پيو وڃي، گهرن جي لا??ِ قرضن جي سهولت بابت قانون نه هو جنهن تي ڪم جاري آهي، صوبن سان گڏجي تعمي??ات جي صف بابت رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو، هن چيو ته هائوسنگ ۽ تعم??ات جي شعبي جي ترقي سان جتي عام ماڻهن کي پنهنجو گهر بڻائڻ جي سهولت حاصل ٿيندي، اتي روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا ۽ تعميراتي صنعتن جو ڦيٿو هلڻ سان ملڪي مع??شت کي به استحڪام ملندو.
وزيراعظم پاران هائوسنگ ۽ تعميرات جي شعبي جي ترقي لاءِ مراعتن ۽ سهولتن جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت