اسل??م آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي تعليمي نظام ۾ طبقاتي فرق کي ختم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هڪجهڙو تعليمي نصاب جوڙڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ان کي لاڳو ڪرڻ جون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪيون وڃن، مدرسن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ خاص طور تي مدرسن ۾ تعليم پرائيندڙ ٻارن کي جديد علم جي تعليم سان آراسته ڪرڻ ۽ انهن کي هنرمند بڻائڻ جي حوالي سان مدرسن سان طئي ??يل لائحه عم?? تي عم??درآمد جي حوالي سان به ڪوششون تيز ڪيون وڃن، ڪورونا جي صورتحال جي پيش نظر سمورن تعليم جي صوبائي ??زيرن جي مشاورت سان تعليمي ۽ تدريسي عم?? جي ڏس ۾ مستقبل جي لائحه عم?? جي حوالي سان گڏيل حڪمت عم??ي جوڙي وڃي، ان سان گڏوگڏ موجوده حالتن ۾ تعليمي ادارن جي مالي مشڪلاتن ۽ والدين جي فيسن جي حوالي سان خدشن کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان به حڪمت عم??ي جوڙي وڃي، وزيراعظم عمران خان اهي هدايتون تعليمي نظام ۾ سڌارن جي سلسلي ۾ اڳڀرائي ۽ ڪورونا صورتحال جي ڏس ۾ تعليم جي حوالي سان حڪومتي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان منعقد جائزي اجلا?? جي دوران ڏنيون.
ملڪ جي تعليمي نظام ۾ طبقاتي فرق کي ختم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha