اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ڪورونا وائرس کان ??چاءُ لاءِ لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ ٻن هفتن جي واڌ، اڏاوتي صنعت سميت مختلف ڪاروبار کولڻ، ذخيره اندزوي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ سخت سزائن تي ٻڌل آرڊيننس آڻڻ جو اعلان ڪندي چيو آ??ي ته پاڪستان ۾ ڪورونا سبب فوتگيون اندازي کان گهٽ آهن، تعميرات جي شعبي جي لاءِ اڄ اربع ڏينهن هڪ تمام وڏو پئڪيج ڏينداسين، احتياطي تدبيرون اختيار ڪندي ٻيون صنعتون به ضرورت موجد کوليون وينديون، ارڙهين ترميم تحت صوبن کي اهو اختيار حاصل آ??ي ته ڪنهن صنعت کي کولڻ جي حوالي سان پنهنجو فيصلو پاڻ ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : کڑک