اسلام آباد – 02 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اڄ حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻئي احتساب چاهين ٿيون، اهو بنا ڪنه?? فرق جي هجڻ گه??جي?? اسان هڪ طرفي احتساب جي ڪالهه به خلاف هئاسين ۽ اڄ به ان جي خلاف آهيون، احتساب قانون تي مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي، پر احتساب جو عمل اڳتي وڌندو رهڻ گهرجي. اڳوڻي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران اٿاريل نقطن جي جواب ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته مسلم ليگ (ن) وٽ سنهري موقعا هئا انهن جي دور ۾ ڪميٽي جوڙي وئي هئي، اسان ڪوشش ڪئي ته اتفاق راءِ سان نيب جي قانونن ۾ ترميم ڪئي وڃي، (ن) ليگ وٽ ??نج سال هئا پر انهن اه?? موقعو وڃائي ڇڏيو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج