پنڊ دادن خان – 13 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ??هي ته پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، پاڪستان کي دنيا جو طاقتور ملڪ بڻائينداسين، جمهوريت ۽ اسلام کي ڪو خطرو نه آهي، خطرو رڳو بدعنوان عنصرن کي آهي، فاٽا تي 10 سالن ۾ هڪ هزار ارب رپيا خرچ ڪنداسين، سعودي عرب، يو ??ي اي ۽ ايران عمران خان کي مسلمان امت جو اڳواڻ سمجهن ٿا، ملڪ ۾ سياحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ويزا جي پابند?? ختم ڪئي آهي ۽ آسان ترين بڻائي رهيا آهيون. پنڊ دادن خان ۾ دوستي اسپورٽس فيسٽيول کي خطاب ڪ??دي اطلاعات واري وزير چيو ??ه عام چونڊن کانپوءِ موجوده حڪومت ملڪ ۾ پرامن ماحول ۽ سياحت کي فروغ ڏنو آهي. هن چيو ??ه کيوڙه سياحت جو تمام وڏو مرڪز آهي.
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ