بيجنگ – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اي??يا بابت بائو فورم جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سڀاڻي آچر ڏينهن چين جي ٻيٽ هينان جي ڏاکڻئي شهر سان يا پهچندو. سرڪاري ذريعن موجب پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، گهرو وزير پروفيسر احسن اقبال ۽ پاور وارو وفاقي وزير اويس احمد لغاري به وزيراعظم سان گڏ هوندا.ايشيا بائو فورم جي سالياني اجلاس کي خطاب کانسواءِ وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ۽ ان سان ٻه طرفي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ به ڪندو. وزيراعظم کي 8 کان 11 اپريل تائين منعقد بائو فورم فار اي??يا ۾ شرڪت جي دعوت ملي هئي، ه??ندڙ سال بائو فورم فار اي??يا جو موضوع ”عظيم خوشحالي لاءِ هڪ آزاد ۽ جدت رکندڙ اي??يا“ رکيو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ