اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ايران سميت سمورن پاڙيسرين سان ??اپار جو خواهشمند آهي، ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تعميري ۽ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، پاڪستاني معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ اسان جو اهم ترين هدف آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ ايران جي سفير مهدي هنردوست سان ڳالهائيندي چئي جنهن بني گالا ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. عمران خان چيو ته پنهنجي سلامتي جي تحفظ لاءِ ايران جو ڪ??دار تحسين جوڳو آهي. تحريڪ انصاف ميڊيا ??ينٽر موجب ايران جي سفير مهدي هنردوست پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي ايراني صدر پ??را?? مبارڪباد جو پيغام پهچايو.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز