اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جيڪي ايندڙ مهيني بل جي صورت ۾ پارليامينٽ ۾ پيش ڪي??ن وينديون جنهن تحت اليڪشن ڪميشن کي مڪمل انتظامي ۽ مالياتي خودمخ??يا??ي ڏني ويندي، چونڊ تڪ وڌائڻ جي حوالي سان فيصلو آدمشماري کانپوءِ ڪي?? ويندو. ڪابينا ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي فائرنگ سبب شهيد ٿيندڙن جي پونيئرن کي 5 لک رپيا ۽ سخت زخمين کي ڏيڍ لک رپين جي ادائيگي جي پڻ منظوري ڏني آهي. افغان پناهگيرن جي رجسٽريشن جو عمل ڊسمبر 2017ع تائين مڪمل ڪي?? ويندو ۽ سرحد تي اميگريشن جا قانون لاڳو ڪيا ويندا. اها ڳالهه قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌائي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ت?? سڄي ملڪ ۾ 46 جديد اسپتالون هنگامي بنيادن ت?? تعمير ڪي??ن پيون وڃن.
وفاقي ڪابينا پاران پارلياماني ڪميٽي جون سفارشون منظور
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک