اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته ٽيڪسن جي بنياد کي وسيع ڪرڻ ۽ ٽيڪس ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ پ??ري ملڪ جي مفاد ۾ آهي. آل پاڪستان انجمن تاجران پاران واپارين جي لاءِ ر??اڪاراڻي ٽيڪس اسڪيم جي حوالي سان آجياڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته ٽيڪس ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ سان نه رڳو موجوده نسل پر ايندڙ نسل جو به فائدو ٿيندو. هن چيو ته عالمي برادري ۾ انهن قومن کي سٺو ۽ محب وطن تصور ڪيو وڃي ٿو جيڪي ٽيڪس ادا ڪن ٿيون. هن چيو ته جن ملڪن ۾ ماڻهو ٽيڪس ن?? ٿا ڏين اتي حڪومتون پيٽروليم مصنوعات ۽ بجلي جهڙين روزمره جي استعمال وارين شين تي ٽيڪس هڻڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿيون.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام