ماسڪو – 4 ڊسمبر (اي پي پي) روس جي پرڏيهي وزير سر??ئي لاروف چيو آهي ته يوڪرين جو نيٽو ۾ شامل ٿيڻ ناقابل قبول آهي ۽ اسان ان جي هر??ز اجازت نه ڏينداسين. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سر??ئي لاروف ماسڪو ۾ هنگري جي پرڏيهي وزير ۽ واپار واري وزير پيٽرسجارتو سان ??لاقات ڪئي . ملاقات دوران روس ۽ هنگري وچ ۾ مختلف شعبن ۾ لاڳاپن ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سر??ئي لاروف چيو ته هنگري جي انتظاميه پنهنجي مفادن مطابق هڪ آزاداڻي پاليسي تي عمل ڪر?? رهي آهي. سر??ئي لاروف چيو ته يوڪرين جنگ بندي جي بنيادي سبب کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو جنهن ۾ هڪ سبب نيٽو جي اوڀر طرف توسيع ڪندي يوڪرين کي پاڻ سان ??لائڻ جي ڪوشش آهي. اهو روس جي سرحدن تي هڪ فوجي خطرو آهي. هن چيو ته يوڪرين ۾ جنگ نه ٿيڻ امن جو رستو ناهي. روس ۽ يوڪرين وچ ۾ ڳالهين جي بحالي جي امڪانن تي تبصرو ڪندي هن چيو ته اسان ??نهنجي ملڪ جي جائز مفادن تي جامع غور ويچار مطابق يوڪرين سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون.
يوڪرين جو نيٽو ۾ شامل ٿيڻ ناقابل قبول آهي: روس جو پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن