پيرس – 09 اپريل (اي پي پي) فرانس پرڏيهي وزير اسٽيفن سيجورن چيو آهي ته دهشتگردي خلاف مدد جي معاملي تي روسي اختيارين سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ هاڻي مناسب نه آهي، ڇو ته ??الهه ٻولهه بعد روس جيڪو بيان جاري ڪيا آهن انهن ۾ غلط معلومات آهن. تاس مطابق پرڏيهي وزير چيو ته فرانس ۽ روس جي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سهڪار جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي پر روسي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ في الحال فرانس جي مفاد ۾ نه آهي جڏهن اهڙي طرح جي ڳالهين جي نتيجن جي باري روس جا ??يان غلط آهن. هن چيو ته ??الهيون ٻيهر شروع ٿيڻ کان اڳ اعتماد کي بحال ڪرڻ ضروري آهي.
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل