رياض- 14 فيبروري (اي ??ي پي) سعودي ڪابينه جده ۾ تعليم کاتي ۾ منال بن?? مبارڪ اللهيلي کي ريجنل ڊائريڪٽر جنرل ايجوڪيشن جي عهدي تي ترقي جي منظوري ڏني آهي، هوءَ ان عهدي تي مقرر ٿيندڙ پهرين عورت آهي، ميڊيا رپورٽن موجب منال بن?? مبارڪ اللهيلي خادم حرمين شريفين شاه سلمان بن عبدالعزيز آل سعودي ۽ ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعودي جوشڪريو ادا ڪندي ان يقين جو اظهار ڪيو آهي ته هوءَ پنهنجي ڀرپور صلاحيتن جو استعمال ڪندي ان عهدي تي ڪم ڪندي،هن تعليم واري وزير جو پڻ شڪريو ادا ڪيو، منال بن?? مبارڪ ان کان اڳ تعليم کاتي ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪري چڪي آهي.
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania